سنڌ جي 61 قومي ۽ 130 صوبائي سيٽن لاءِ پولنگ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پوري ملڪ ۾ 08 فيبروري تي ٿيندڙ الڪيشن جي سلسلي ۾ سنڌ صوبي ۾ به پولنگ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، سنڌ صوبي ۾ قومي اسيمبلي جون 61 ۽ صوبائي اسيمبلي جون 130 سيٽون آهن. صوبي ۾ اهل مرد ووٽرن جو انگ 14612645 ۽ عورتن ووٽرن جو انگ 12382125 آهي جيڪو گڏيل طور تي 26994770 بڻجي ٿو. صوبي ۾ پولنگ اسٽيشنن جو انگ 19008 آهي. جن مان 6768 انتهائي حساس، 6582 حساس ۽ 5658 نارمل آهن. صوبي ۾ قومي اسيمبلي جي 61 سيٽن تي 1130 اميدوار آهن، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي 130 سيٽن تي 2795 اميدوار ميدان ۾ آهن، صوبي ۾ پرزائيڊنگ آفيسرن جو انگ 19008 آهي، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن جو انگ 130010 آهي، جڏهن ته پولنگ آفيسرن جو انگ 65005 آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو