سنڌ جي سينيٽ جي 2 سيٽن تي چونڊ شيڊول جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ سينيٽ جي 2 سيٽن تي چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو،اليڪشن ڪمشنر سنڌ کي سينيٽ چونڊن جو رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.سينيٽ چونڊن لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ پولنگ 14 مارچ تي ٿيندي، ووٽنگ صبح 9 وڳي کان شام 4 وڳي تائين جاري رهندي.نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته نامزدگي ڪاغذ 3 مارچ تائين رٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائي سگهجن ٿا، ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 5 مارچ تائين ۽ اپيلون 7 مارچ تائين داخل ڪري سگهجن ٿيون.اپيلن تي فيصلو 9 مارچ تائين ۽ نامزدگي ڪاغذ 10 مارچ تائين واپس وٺي سگهجن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو