سنڌ جي اڪابر سوڀو گيانچداڻي جو جنم ڏينهن

سوڀو گيانچنداڻي موهن جي دڙي جو جوڳي، ننڍي کنڊ جو سينيئر ۽ سچو ڪميونسٽ، سامراج دشمن، جاگيردار مخالف، ترقي پسند ادب ۽ سياست کي هٿي ڏيندڙ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جو ڄڻ هڪ منفرد ديومالائي ڪردار آهي.

عالمي شهرت جو مالڪ سوڀو گيانچنداڻي، موهن جي دڙي کان پنج ڪلوميٽر اولهه ۾، صدين کان آباد هڪ ننڍي ڳوٺ ٻِنڊيءَ ۾، 3 مئي 1920ع تي پيدا ٿيو. ٻنڊيءَ جو 50، 60 گهرن تي مشتمل ننڍڙو ڳوٺڙو، سنڌو درياهه جي ڪَڙ تي سرسبز پسمنظر رکي ٿو ۽ ڏوڪري شهر کان ست ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ يونين ڪائونسل بگيءَ ۾، موهن جو دڙو- باڊهه لنڪ روڊ تي واقع آهي. سوڀي جو پورو نالو سوڀراج پٽ ٽؤنر مل گيانچنداڻي آهي.

سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ سياست تي اڻ مٽ نقش ڇڏيندڙ، هن شخص سوڀي گيانچنداڻيءَ جو پڙڏاڏو گيانچند، سيٺ هرداس جو پٽ ۽ ڪنڊياري جو رهاڪو هو، جيڪو اُتان لڏي ڳوٺ ٻِنڊي، تعلقي لب درياهه (هاڻي ڏوڪري)، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اچي ويٺو هو. (هي سٽون واٽس ايپ گروپ ۾ ڪنهن شيئر ڪيون هيون ليکڪ جو نالو نه هو، سندس جنم ڏينهن جي نسبت سان شايع ڪجي ٿو…..ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو