سنڌ جو تعليمي نظام جديد تقاضائن مطابق ناهي، مقرر

بدين(رپورٽ مرتضيٰ ميمڻ) سنڌ جي تعليم جديد سائنسي اصولن پاليسي ۽ گهرجن مطابق ناهي ۽ تعليمي نظام به طبقاتي سسٽم کي هٿي ڏيندڙ آهي حڪمران قوتون غريب جي ٻار جي تعليم ۾ رڪاوٽ بنيل آهن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌي شاگرد تحريڪ جي ضلع صدر سچل هاليپوٽو عوامي تحريڪ جي  مرڪزي اڳواڻ لال جروار، سريش ڀيل،رشيد هاليپوٽو،نوجوان سنگت راڄو خاناڻي جي اڳواڻ اسماعيل قمبراڻي،شيعا علما ڪائونسل جي اڳواڻ محمد حسن جعفري،هريرام ڪولهي،اي ڪي احمداڻي، حبيب ڪلوئي،ڪيلاش ڪولهي،منصور هاليپوٽو،نريندر ڪولهي ۽ ٻين تعليمي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سنڌي شاگرد تحريڪ پاران فرحت پبليڪ اسڪول شھر راڄو خاناڻي  ۾ ٿيل تعليمي سيمينار کي شاگرد اڳواڻن تعليمي ماهرن ۽ سڄاڻ ماڻهن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جيتري قدرتي وسيلن سان مالامال آهي اوتروئي سنڌي عوام کي حڪمرانن پاران ننڌڻڪو ۽ مفتوح قوم بنايو ويو آهي تعليم صحت روزگار امن امان ۽ زندگيء جي ٻين ضروري سهولتن جي شديد اڻهوند پيدا ڪئي وئي آهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ تمام وڏو ٽئلينٽ موجود آهي پر ان جي واڌاري لاء گهربل ادارا ناهن جنهنڪري اهو وقت کان اڳي طبقاتي فرق جي ڪري ضايع ٿي وڃي ٿو۔ سيمينار کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي لاڙ ٿر ۽ ڪاڇي ۾ تعليمي ادارن جي حالت تمام خراب آهي پرائمري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون نه ملڻ ضلع جا ڪيترا اسڪول 30 سالن کان جهوپڙين ۾ هلن پيا ۽ هتي ڪا به اعلي تعليم جي يونيورسٽي ناهي ۽ نه وري ڪو پرائيويٽ سستو ۽ سٺي معيار وارو ادارو آهي۔هنن تعليم جي ڪرندڙ معيار تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته هتي ڊگريون ۽ ميرٽ پئيسن تي وڪامي ٿي ٻاه ڪينسر جهڙي ڪرپشن سنڌ جي غريب ۽ اڪثريتي عوام جي تعليمي ترقيء جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن انهي سموري قومي ڦرلٽ جو ذميوار سنڌ جو جاگيردار ۽ ڀوتار آهي جيڪو ايوانن ۾ صرف سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن جي نيلاميء لاء ويٺل آهي انهي موقعي تي تعليمي سيمينار ۾ قراردادون منظور ڪندي گهر ڪئي وئي ته بدين ضلع جي شاگردن لاء اعلي تعليم لاء لاڙ ميڊيڪل يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي بدين ضلع جي سڀني ڪاليجن ۽ ڊگري ڪاليجن ۾ جديد سائينسي گهرج مطابق ليبارٽريون قائم ڪري سائينس جا ماهر استاد مقرر ڪيا وڃن ضلع جي پرائمري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن جون زبون عمارتون ٺهرائي گهربل ضرورتون پوريون ڪري استاد ۽ فرنيچر جي کوٽ ختم ڪئي وڃي. تعليمي ادارن ۾ پبلڪ لائبريرين واري عدالتي حڪم تي عمل ڪرايو وڃي، سنڌ جي تعليمي ماهرن مفڪرن محققن ۽ تاريخدانن جا سرڪاري سطح تي ڏهاڙا ملهائي کين مڃتا ايوارڊ ڏنا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو