سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه نيب آڏو پيش

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه پاڪستان اسٽيل ملز جي زمين واري ڪيس ۾ نيب آڏو پيش ٿي ويو آهي پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه نيب  اسلام آباد جي آفيس پهتو جتي هو نيب جي جاچ ٽيم آڏو پيش ٿيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ٽيم قائم علي شاهه کان اسٽيل ملز جي زمين جي ليز بابت سوال ڪيا. نيب ۾ پيشي کان پوءِ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران قائم علي شاهه چيو ته نيب نه ته ڪو سوالنامو ڏنو ۽ نه ئي وري ٻيهر اچڻ جو چيو آهي.نيب زمين جي ليز بابت ڪيس ۾ گهرايو هو. نيب گهرايو اسان اچي وياسين. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪابه ڊيل ناهي ٿي. پي ڊي ايم ۾ پيپلز پارٽي جي شموليت جو ڪوبه فيصلو اڃان تائين ناهي ٿيو. ڪميٽي فيصلو ڪندي ته پي ڊي ايم ۾ شامل ٿيڻو آهي يا نه ٿيڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو