سنڌ تحفظ ريلي، سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف احتجاج

گلاب لغاري (شاهنواز لغاري) سنڌ جي امڪاني ورھاڱي ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق پاران قبضي  خلاف منصور لغاري يوسف لغاري ياسر لغاري ۽ منور لغاري جي اڳواڻي ۾ شھر جي پوليس چوڪي کان پريس ڪلب تائين سنڌ تحفظ ريلي ڪڍي ويئي. انهيَ موقعي تي مظاھرين  پاران پريس ڪلب آڏو  ايم ڪيو ايم پاڪستان خلاف نعريبازي ڪندي سنڌ جو ورھاڱو نامنظور نامنظور  سنڌ جي تقسيم نامنظور  نامنظور  ۽ مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا هنيا ويا. انهيَ موقعي تي منصور لغاري يوسف لغاري ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته اسان سنڌ دشمنن کي ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته سنڌ ھڪ آهي ۽  تاحيات ھڪ رھندي سنڌ جي انچ انچ جو دفاع ڪنداسون ۽ سنڌ جي تقسيم ڪرڻ جي ڳالهه ڪندڙن کي سنڌ مان نڪرڻو پوندو ھنن چيو ته خون جي آخري قطري تائين سنڌ جو ھر سچو سپوت سنڌ تان سر ڏيندو پر سنڌ جو ھڪ انچ به کين نه ڏيندو نوجوانن پاران سنڌ تان جان ڏيڻ جو وچن پڻ ورجايو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو