سنڌ بچايو سجاڳي مارچ جو شاندار استقبال، گلن جي ورکا

رتوديرو/ شڪارپور (فدا حسين لاشاري/عبدالخالق سومرو) عوامي تحريڪ پاران سنڌ بچايو جي عنوان سان 2 مهينا اڳ ٺٽو مان نڪتل سجاڳي مارچ  رتوديرو پهچڻ تي يوسف جکرو، عنايت عارباڻي جي اڳواڻي ۾ شاندار استقبال ڪري اڳواڻن مٿان گل نڇاور ڪيا ويا. مارچ جي اڳواڻي مرڪزي جرنل سيڪريٽري وسند ٿري، ساجد مهيسر، نور احمد ڪاتيار، عارب ڪيرانو ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ شمشاد لغاري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گورنمينٽ طرفان سنڌ جي زمين نيلام ڪرڻ ڪراچي کان وٺي بدين تائين بحريا ٽائون، ذولفقار آباد ۾ تقسيم ڪيا وڃن ٿا سامونڊي پٽي واري زمين تي قبضو ڪيو ويو. سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جي عوام جو حق آھي، سنڌ بچايو، سنڌ جا وسيلا بچايو ان عنوان سان ريلي ڪڍي اسان سنڌ جي عوام ۾ آگاهي سڄاڳي پيدا ڪري رهيا آھيون. ٻئي طرف عوامي تحريڪ جو سنڌ بچايو، وسيلا بچايو عوامي سجاڳي مارچ پنجين مرحلي جي ٻئي ڏينهن تي شڪارپور پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو.

ريلي ۾ شامل ڪارڪنن جي هٿن ۾ مطالبن وارا پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جنهن تي سنڌ جو ورهاڱو نامنظور، سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ بند ڪريو، ڪارونجهر جو قتل عام بند ڪريو، نياڻين جو قتل عام نامنظور، سنڌو درياهه تي ڊيم نامنظور، سنڌ بئراج نامنظور، بحريا ٽائون نامنظور، ڊي ايڇ اي سٽي نامنظور، ذوالفقار آباد نامنظور، ڌارين جي آبادڪاري نامنظور جا نعرا لکيل هئا. عوامي سجاڳي مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، گل حسن ڪيڙانو، نور احمد ڪاتيار، مهراڻ سنڌي، رفيع لغاري، ڪامريڊ غلام مصطفى چانڊيو، حاجي علي حسن وڪو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سڀاني ڏاهري، اصغر ملڪ، نواز ٻپڙ، ارشاد نوناري، حق نواز، ايس ايس ٽي جي اڳواڻ عاطف ملاح، ايس بي ٽي جي اڳواڻ علي محمد وڪو ۽ ٻين چيو ته سنڌ سڄي ملڪ کي پالي ٿي پر موٽ ۾ سنڌ کي بک، بيروزگاري، بدحالي، ڏڪار، لاقانونيت کان سواءِ ڪجهه نه ڏنو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ جو عوام سنڌ ورهائڻ واري دهشتگردي کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيندو. سنڌ جو هر ٻچو ٻچو پنهنجي جيجل ماءُ جي حفاظت ڪندو ۽ دشمن قوتن جا ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو