سنڌ: انتهائي گهربل ۽ مفرور جوابدارن جي سرن جي قيمت مقرر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ مطلوب ۽ مفرور جوابدارن جي سرن جي قيمت مقرر ڪئي وئي آهي.سنڌ جي گهرو کاتي ان حوالي سان اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل جي سفارش جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ايس ايس پي وي ايل سي عبدالرحيم شيرازي موجب 6 انتهائي گهربل ۽ خطرناڪ جوابدارن جي هيڊ مني مقرر ڪئي وئي آهي.هن چيو ته ڪاشف ابڙو عرف انور علي جي گرفتاري تي 60 لک رپيا، نذير ڀيو ۽ اڪبر ڀيو جي گرفتاري لاءِ 50 ۽ 50 لک رپيا انعام رکيا ويا آهن.مجاهد جمال ميراڻي جي سر جي قيمت 50 لک رپيا، ممتاز ڀيو، محمد خان ملاح جي سر جي قيمت 30، 30 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.عبدالرحيم شيرازي موجب ڪاشف ابڙو خلاف 40 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اڪبر ڀيو ۽ نذير ڀيو خلاف 22 ۽ 22 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.مجاهد جمال ميراڻي تي 20 کان وڌيڪ ڪيس، محمد خان ملاح تي 14 ۽ ممتاز ڀيو تي 13 ڪيس داخل آهن.ايس ايس پي اي وي ايل سي وڌيڪ چيو آهي ته گرفتار سمورا جوابدار انتهائي خطرناڪ، بدنام ۽ عادتي ڏوهاري آهن، جوابدار ڪيترن ئي سالن کان ڪار لفٽر گينگ جو نيٽ ورڪ هلائي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو