سنڌيو سجاڳ ٿيو، وطن بچايو، قابضن کي ڀڄايو، اڳواڻ

ٺٽو )رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ( بحريا ٽائون سميت ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران جاڳرتا ريلي گھگھر ڦاٽڪ ـ ڌاٻيجي ـ گھارو ـ گجو ۽ مڪلي کان ٿيندي ٺٽي پھتي ريلي جيئن ئي گھگھر ڦاٽڪ کان ٺٽي جي حدن ۾ داخل ٿي تـ ڪيترائي ماڻھو روڊن تي نڪري آيا ريلي ۾ موجود اڳواڻن جي مٿان گلن جي ورکا ڪري سندن استقبال ڪيو ريلي جنھن جي قيادت سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو ڪنوينر ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو سرواڻ سيد جلال محمود شاھ  ـ  سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سرواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي ـ جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمن رياض چانڊيو ڪري رھيا ھيا. سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل مختلف سياسي تنظيمن جا ٻيا اڳواڻ جن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جو اڳواڻ نواز خان زنئور ـ عورت اڳواڻ آپا نظير قريشي ـ پورھيت مزاحمت تحريڪ جو اڳواڻ مسرور شاھ ـ جيئيي سنڌ محاذ جو وائس چيئرمن سيد نواز شاھ ڀاڏائي سميت مختلف اڳواڻ ريلي سان گڏ ھيا ريلي کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمن رياض چانڊدو چيو تـ سنڌ اسان جو وطن آھي جنھن تي ڌارين کي قبضو ڪرڻ ڪون ڏينداسين سنڌ جي زمينن تي قبضا اھي ڪرائي رھيا آھن جيڪي سنڌ کي پنھنجي جاگير سمجھن ٿا پر سنڌ جي زمينن تان قبضا ھٽرائڻ ۽ ڌرتي جي تحفظ ۽ ڌرتي کي بچائڻ لاء اسان وري ڪراچي جو رخ ڪنداسين رياض چانڊيو سنڌ جي عالمن کي مخاطب ٿيندي چيو تـ اھي زرداري ۽ ملڪ رياض پاران سنڌ جي زمينن تي غير قانوني قبضن خلاف شرعي طور فتوي’ جاري ڪن تـ سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضا ناجائز آھن  رياض چانڊيو ضلعي ٺٽي مان چونڊجندڙ ميمبر سنڌ اسيمبلي سيد رياض شاھ شيرازي کي ڏوراپو ڏيندي چيو تـ اسان کي افسوس سان ٿو چوڻو پوي تـ ضلعي ٺٽي جي انتھائي معتبر شخصيت سيد قادر ڏنو شاھ شيرازي جو پوٽو اڄ انھن سان گڏ بيٺل آھي جيڪي نـ صرف سنڌ دشمن آھن پر پاڻ به انھن ڪڌن ڪمن ۾ انھن سان گڏ ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل آهي.

Photo Sindhyar

رياض چانڊيو ڪراچي کي پاڻي سپلاء ڪندڙ ڪي فور منصوبي تي چيو تـ ڪينجھر جي پاڻي تي ضلعي ٺٽي سميت سنڌ جي لاڙ وارن ضلعن جو حق آھي پر افسوس آھي تـ سنڌي ماڻھو کي اڃيو رکي ڪي فور منصوبو ٺاھي پوڇڙ جي ضلعن جي عوام سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي. ريلي کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سرواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تـ اسان سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي زمينن کي بچائڻ لاء رابطا مھم لاء انھي ڪري نڪتا آھيون تـ سنڌ جي عوام کي سنڌ سان پيش ايندڙ سازشن تي کين آگاھ ۽ سجاڳ  ڪيون ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تـ فلسطين ھڪ آزاد ملڪ ھو پر جڏھن فلسطينين پنھنجي ڌرتي جو زمينون يھودين کي وڪڻن شروع ڪيون تـ اڄ اھي يھودي انھن تي قابض آھن  جڏھن فلسطيني پنھنجون زمينون وڃائي ويٺا تـ اقليت ۾ تبديل ٿي ويا پر ھاڻي پنھنجو وجود ۽ پنھنجون زمينون بچائڻ لاء پنھنجن جانين جا نذرانا ڏئي رھيا آھن پر کين ڪاميابي حاصل ڪون ٿي رھي آھي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تـ ملڪ رياض لاھور ۽ دبئي رھي سنڌ ۾ زرداري جي مدد سان بحريا ٽائون جھڙا مختلف منصوبا جوڙي سنڌين جي زمينن تي قبضا ڪري کين بي گھر ڪرڻ جي سازشون ڪري رھيو آھي پر جڏھن ڇھ جون تي ھزارن جي تعداد ۾ سنڌي سندس منصوبي بحريا ٽائون جي اڳيان جمع ٿيا تـ ملڪ رياض سندس آقا زرداري وٽ پھتو تـ ھي ڇا آھي تون چيو تـ سنڌي مون سان گڏ آھن تـ پوء ھي ھزارن جي تعداد ۾ سنڌي متحد ٿي بحريا ٽائون تي ڪيئن پھتا ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تـ آصف زرداري سياستدان نـ پر مداري ۽ فنڪار آھي جنھن ڀٽي جي خاندان مان شادي ڪري سڄي خاندان کي ختم ڪري ڇڏيو ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تـ جيالا چون ٿا تـ سنڌ جا قومپرست سنڌ ۾ ترقي جا مخالف آھن اسين کانئن پڇون ٿا تـ گذريل چاليھن سالن کان توھان سنڌ تي حڪمراني پيا ڪيو توھان وري ڪھڙي سنڌ کي ترقي ڏياري آھي انھن  ٺٽي سميت سنڌ جي عوام کان سوال ڪيو تـ  سنڌ جا جيڪي اڳواڻ ٻاھرين ملڪن ۾ پڙھيا جن کي سنڌي ڳالھائڻ نٿي اچي ۽ جن پنھنجي امڙ جو کير پيئڻ جي بجاء انگريزي ڏٻن وارو کير پيتو ھجي انھن کي امڙ جو ڪھڙو احساس ھوندو جيڪي پنھنجي ماءُ جي قاتلن کي گرفتار نٿا ڪري سگھن اھي ڪھڙو سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪندا جيڪي ووٽ وٺي صرف ۽ صرف پنھنجا پيٽ ڀرين ٿا ڇا توھان وري انھن کي  ووٽ ڏيندا؟ ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ جي عوام کي مخاطب ٿيندي چيو تـ سنڌ  جون زمينون کي ڀڳڙن مٺ وڏن وڏن بلڊرن کي تين وال ڪيون پيون وڃن ڪيٽي بندر ـ شاھبندر ۽ ڪوھستان جي زمينن تي دشمنن جي نظر آھي جيڪي اتي پھچي آصف زرداري ۽ سندس ٽيم پاران پھچايا ويا آھن ريلي کي خطاب ڪندي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سرواڻ چيو سنڌ جون زمينون سنڌ جي ماڻھن جي ملڪيت آھي سنڌ جي ڳوٺن کي لتاڙڻ جي اجازت ڪنھن کي بـ ڪون ڏينداسين سيد جلال محمود شاھ سنڌي قوم کي چيو تـ اٿو ۽ پنھنجو نسل بچايون سائين جلال محمود شاھ ريلي کي خطاب ڪندي نيب کان گھر ڪئي تـ سنڌ جي زمينن تي والار ۽ قبضن خلاف انڪوائري ڪرائي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪندڙن کي وڃي وڃي سائين جلال محمود شاھ چيو تـ سنڌ جي بقا لاء انھن جيڪا جدوجھد چالو ڪئي  اھا جدوجھد جاري رھندي سائين جلال محمود شاھ ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي سميت سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن مطالبو ڪيو تـ جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمن ۽ بحريا ٽائون خلاف ڌرڻو ھڻندڙ گرفتار قومي ڪارڪنن کي جلد آزاد ڪيو وڃي اڳواڻن چيو تـ اگر زمينن تي قبضا بند نـ ٿيا ۽ سنڌ سان ناانصافيون بند نـ ٿيون تـ سموري سنڌ جي عوام کي گڏ ڪري اسيمبلي سميت وڏي وزير جي ڪراچي واري بنگلي اڳيان ڌرڻو ھڻنداسين انھي سلسلي ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي ريلي ۾ موجود ھزارين ماڻھن کان وچن پڻ ورتو جڏھن تـ ريلي کي نواز خان زنئور ـ عورت اڳواڻ آپا نظير قريشي ـ پورھيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻ مسرور شاھ ـ جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ اسلم خيرپوري سميت ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو ريلي ۾ موجود ھزارين ماڻھن آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ ھنيا.

پهنجو تبصرو موڪليو