نوشهروفيروز (ن س)ڪنڊيارو جي عدالت بدامني خلاف احتجاج ڪرڻ تي گرفتار سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو سميت 7 ڄڻن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي سنڌو نواز گهانگهرو جي اڳواڻ ۾ گذريل ڏينهن سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو هو، پوليس مظاهرين تي لٺبازي ڪري سنڌو نواز گهانگهرو سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو هو، ايس ايڇ او ڪنڊيارو سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين مٿان الزام هنيو هو ته مڇريل مظاهرين پوليس اهلڪارن کي تشدد جو نشانو به بڻايو نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٿاڻي تي حملي ڪيس ۾ سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين خلاف ڪيس مان دهشتگرديءَ جا قلم خارج ڪيا، عدالت ڪيس سيشن ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪيو ڪنڊيارو پوليس سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين کي نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، ڊسٽرڪٽ بار نوشهروفيروز جي 2 سئو وڪيلن پاران سنڌو نواز جو ڪيس وڙهڻ لاءِ وڪالت ناما جمع ڪرايا ويا دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي حڪم تي پوليس سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين کي ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت سنڌو نواز گهانگهرو سميت سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي 7 ڪارڪنن جي 10-10 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي ضمانت منظور ٿيڻ بعد سنڌو نواز گهانگهرو چيو آهي ته فتح حق سچ جي ٿيندي آهي، پوليس گردي نه هلندي










