سنڌو جي ساڄي ڪپ وارا واهه بند، سارين جو ٻيجاروسڙڻ لڳو

ڪشمور(جي ايم کوسو) سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار گڊو بئراج جي ساڄي پاسي نڪرندڙ واهه بند ٿيڻ سبب سارين جو ٻيجارو سڙڻ لڳو آهي. آبادگار پريشان، لکين روپين جي نقصان جو خدشو، آبادگارن سومر تي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو. مليل ريڊنگ مطابق چشمه بئراج وٽان ھيٺانھون وھڪرو 140000 ڪيوسڪس ريڪارڊ ڪيو ويو ۽ تونسه بئيراج جو ھيٺانھون وھڪرو 91000 ڪيوسڪس ريڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته گڊوبئيراج جو مٿانهون وھڪرو 78000ڪيوسڪس ۽ ھيٺانھون وھڪرو 64000 ڪيوسڪس ريڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئيراج مان نڪرندڙ بيگاري ڪينال بند ڪرڻ بعد پاڻي جي کوٽ جي ڪري جيڪب آباد ۽ ٺلهه تعلقي کي پاڻي پھچائيندڙ شاھي واھ کي بند ڪرڻ بعد لکين روپين جو ٻيجارو سڙي رھيو آھي.

آبادگار پريشان آھن جڏھن ته آبادگارن جي تنظيمن سنڌ آبادگار بورڊ ۽ ڪسان بورڊ پاران ايندڙ سومر تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي. گڊوبيئراج جي انجنيئر غلام مصطفي مھر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ھن وقت سنڌو دريا ۾ پاڻي کي تيزي نه آھي ان ڪري پاڻي جو مسئلو ڪجھ جاري رھندو تونسه بيئراج کان پاڻي جي وھڪري ۾ تيزي نه ايندي اوستائين کوٽ برقرار رھندي.

پهنجو تبصرو موڪليو