دڙو (ن س) دڙو ڀرسان فور ايل سم نالو اوور ٽاپ /سوين ايڪڙن تي مشتمل فصل پاڻي هيٺ/15 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا، وڌيڪ ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو، مختلف علائقن ۾ حالتون سنڱين ٿيڻ جو خطرو، دڙو، لائقپور ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ پنجن ڏينهن کان جاري برسات کان پوءِ ابڙال ڀرسان سم نالو فور ايل اور ٽاپ ٿيڻ سبب ابتو وهڻ ڪري ڳوٺ قاسم جاکرو، ڳوٺ پير محمد ڀنڀرو، ڳوٺ الھڏنو داسڙو، ڳوٺ يار محمد ڀنڀرو، ڳوٺ لونگ ڪنڊرا سميت 15 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙ زرعي زمينون پاڻي ھيٺ اچي ويون آھن، جڏھن تہ سم نالي جو پاڻي وڌيڪ ڳوٺن ۽ زمينن طرف وڌڻ لڳو آھي، فور ايل سم نالي جي سالن کان وٺي صفائي نہ ٿيڻ ڪري سم نالو بي پاڙي ول ۽ گند ڪچري سان سٿجي ويو آھي، سم نالو اوور ٽاپ ٿيڻ ڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، برساتن سبب سم نالي جي پاڻي ھيٺ آيل ڳوٺن جي رھواسين علي اڪبر ڀنڀرو، لکاڏنو جاکرو، عطا محمد ڀنڀرو، تراب علي جاکرو، مراد ڪنڊرا ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو تہ فور ايل سم نالي جي صفائي نہ ٿيڻ سبب برساتي پاڻي مختلف علائقن ۾ تمام وڏي تباھي برپا ڪري ڇڏي آھي، ڪيترائي ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙ زمينن ۾ بيٺل ساريال ۽ ٻيا فصل ٻڏي ويو آھي، جنھن سبب علائقن ۾ انساني الميو پيدا ٿيڻ جا خطرا وڌي ويا ھنن سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا سجاول کان مطالبو ڪيو آھي تہ فوري طور تي فور ايل سم نال جي کانٽي کڻائي ڳوٺن ۽ زمينن مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.
