سفيرن جي ڪانفرنس اڄ کان شروع ٿيندي: اسحاق ڊار

سفيرن جي ڪانفرنس اڄ کان شروع ٿيندي: اسحاق ڊار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته پرڏيهي آفيس اڄ کان 18 مئي تائين اسلام آباد ۾ علائقائي سفيرن جي ڪانفرنس منعقد ڪري رهيو آهي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪانفرنس علائقائي ۽ عالمي صورتحال ۽ پاڪستان جي ڀائر ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو وٺندي.نائب وزيراعظم چيو ته ڪانفرنس جون سفارشون پاڪستان جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون.اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته پاڪستان خطي جي ملڪن سان فعال سفارتڪاري ۽ مسلسل رابطي لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو