سعودي عرب ماحول دوست ٻارڻ متعارف ڪرائي ڇڏيو

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ ماحول دوست يورو 5 پيٽرول ۽ ڊيزل متعارف ڪرايو ويو آهي. سعودي عرب جي توانائي واري وزارت ملڪ ۾ يورو 5 پيٽرول ۽ ڊيزل متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته ٻارڻ جو اهو قسم اچ وڃ جي سڀني ذريعن لاءِ موزون آهي ۽ اهو هن وقت استعمال هيٺ ٻارڻ جو متبادل هوندو. توانائي واري وزارت طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اهو ٻارڻ پنهنجي ڪارڪردگي ۾ بهتر آهي ۽ ان سان ڪاربن به گهٽ خارج ٿيندي آهي، ان جو مقصد ماحول جو تحفظ ڪرڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو