سرڪاري دوا خانن جي زبون حالي، ڪرپشن سبب عوام پريشان

ملير(رپورٽ درياخان شر) ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي حدن ۾ موجود 35 ڊسپينسرين جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي، گذريل شهري حڪومت جي 16 سالن جي دور ۾ صحت جا ادارا مڪمل تباھ ٿي بند ويا هئا. مليل انگن اکرن مطابق 35 ڊسپينسرين مان 30 ڊسپينسريون مڪمل طور تي بند پيل آهن جڏهن ته رڪارڊ ۾ کليل 8 ڊسپينسرين جي عمارتن جي حالت انتهائي زبون حال آهي جنهن ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي ويهڻ ڇڏي ڏنو آهي. نالي ماترکليل سرڪاري دوا خانن ۾ ڊسپينسر ڳاڙهي دوا ۽ اڇين گورين تي ويٺل آهن. ٻهراڙين ۾ رهندڙ پورهيت طبقي جا غريب ماڻهو صحت جون سهولتون نه هجڻ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، هر ڀيري ڪروڙين رپين جي بجيٽ هڙپ ڪئي وڃي ٿي پر اڃا تائين ملير ۾ صحت جا ادارا مڪمل طور تي تباهه بڻيل آهن. عوامي احتجاجن باوجود چونڊيل نمائندن اڃا تائين ڊسپينسرين کي فعال ڪرڻ لاءِ ڪوبه ڪردار ادا نه ڪيو آهي. سروي دوران ڳوٺاڻن صحافين آڏو دانهيندي چيو صحت جهڙي حساس شعبي ۾ ڪرپشن انساني حياتيون ڳڙڪائي رهي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ملير جي ٻهراڙين ۾ هيپاٽائيٽس اي، بي ۽ سي، خارش ۽ خاص طور تي ليڊي ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ اسپتالن  ۾ ويم گهرن جون سهولتون نه هجڻ جي ڪري ٻهراڙي جي عورتن کي سخت پريشاني آهي. شهري علائقن کان پري سوين ڳوٺن جي غريب عورتن کي سرڪاري علاج جي سهولت نه ملڻ جي ڪري ڪيتريون ئي عورتون ويم دوران فوت ٿي وڃن ٿيون. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ٻهراڙين وارين ڊسپينسرين کي فعال ڪري صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو