ستارا ٻڌائين ٿا پريا ڪماري جلد بازياب ٿيندي، ڀڳوانداس

ستارا ٻڌائين ٿا پريا ڪماري جلد بازياب ٿيندي، ڀڳوانداس

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ستارن جي علم جي نامياري ماهر ڀڳوانداس جٽيا هندي ايسٽرولوجي جي لال ڪتاب جي آڌار تي ستارن جي چر پر جاچڻ بعد اڳڪٿي ڪئي آهي ته ’پ ، پي ۽ پو‘ جي حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن جي بهتري جو وقت شروع ٿيڻ وارو آهي. انهن نالن وارن ماڻهن جي ٽئين خاني ۾ قمر ۽ يارنھين گھر ۾ زھرہ داخل ٿي رهيا آهن جيڪي 31 مارچ کان 25 اپريل 2024 رهندا. مٿي ڄاڻايل حرفن وارن لفظن جي ماڻهن جو سٺو وقت شروع ٿيندو ۽ سندن زندگين ۾ پيدا ٿيل خلفشار ختم ٿيندو. انهن نالن وارن ماڻهن جي سياسي ، سماجي ، قانوني ، گھريلو ، ملازمت ۽ ڪاروباري معاملن ۾ به بهتري ايندي. ستارا ٻڌائين ٿا ته ان عرصي ۾ سکر جي سنگرار واري علائقي مان اغوا ڪيل نينگري پريا ڪماري جي بازيابي به ٿي سگهي ٿي. انهن حرفن جي نالن وارن ماڻهن کي سومر ڏينهن سفيد رنگ جون شيون صدقي ۾ ڏيڻ گهرجن ته بهتر ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو