ڪراچي ( باغي ساگر پنھوار ) گڏاپ نيشنل پريس ڪلب پاران سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ سينيئر صحافين جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، ساڃاهه وندن گڏاپ ۾ سنڌي ڳوٺن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ منشيات ۾ واڌ جو ذميوار چونڊيل نمائندن، پوليس ۽ انتظاميا کي قرار ڏئي ڇڏيو.آجياڻي واري تقريب ۾ سينيئر صحافي سارنگ لطيف مهر، نصر الله جمالي، گسٽا اڳواڻ سليمان آگرو، غوث ٻگهيو، بالاچ شاهاڻي، نبي بخش خاصخيلي، ثناءُ الله هڪڙو، صفدر ابڙو، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڪاشف خاصخيلي، ن ليگ جي اڳواڻ سرور تنيو، جسقم اڳواڻ غلام عباس جتوئي، علي اڪبر مغيري، حزب الله شاهه، هارون جمالي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾قانون جا محافظ ئي جتي محفوظ ناهن اتي عام ماڻهو ڪئين محفوظ هوندا هنن چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ڳوٺن کي هر دور جي حڪمرانن نظرانداز ڪيو ويو، گڏاپ جي سنڌي وسندين جا مسئلا حل نه ٿيڻ جا چونڊيل نمائندا ذميوار آهن. سينيئر صحافي سارنگ لطيف مهر، نصر الله جمالي چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال سان گڏوگڏ صحافي به عدم تحفظ جو شڪار آهن، قلم ڌڻين سان ٿيندڙ ظلم جو حڪومت کي نوٽيس وٺن گهرجي رڳو ايوانن مان بل پاس ڪرائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو ان تي عمل به ضروري آهي.سليمان آگرو چيو ته سنڌ جي وسيلن جي مالڪي لاءِ سڀني ڌرين کي گڏجڻو پوندو، سنڌ نازڪ دور مان گذري رهي آهي، اسان کي هاڻي ذاتي اختلاف ختم ڪري قومي سوچ اپنائڻي پوندي.ڪاشف خاصخيلي چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ڳوٺن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اي پي سي گهرائڻ گهرجي، سنڌي ڳوٺ مسئلستان بڻيل آهن.ن ليگ اڳواڻ غلام سرور تنيو چيو ته جٿي ٿاڻا ڏوڪڙن جي عيوض وڪرو ٿيندا اتي امن قائم ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. غلام عباس جتوئي چيو ته علائقي ۾ سماجي برايون چوٽ چڙهي ويون آهن، منشيات سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، انتظاميا رڳو سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي وارو راڳ آلاپڻ ۾ مصروف آهي.حزب الله شاهه چيو ته گڏاپ نيشن پريس ڪلب پاران آجياڻي واري تقريب ڪوٺائڻ سٺو سئوڻ آهي، سنڌ جي ٻيٽن ۽ وسيلن تي وفاق جو قبضو آهي، ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي، گڏاپ هڪ تاريخي ٽائون آهي پر هن ٽائون جي بجيٽ هر سال منظور ٿيڻ کانپوءِ ڪامورن جي کيسي ۾ هلي ويندي آهي، ڪٿي به روڊ ٺهيل ناهي نه وري ماڻهن کي صاف پاڻي ميسر آهي.علي اڪبرمغيري چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي ويڇا وساري هڪ ٿيڻو پوندو، احستاب جي شروعات پاڻ کان ئي ٿيڻ گهرجي، جتي ڪوتاهيون ۽ خاميون اچن اهي دور ٿيڻ گهرجن.تقريب ۾ جلال الدين شاهاڻي، اعجاز چانڊيو، خرم ڀٽي، جاني شاهاڻي، روشن علي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن ۽ گلن جا ھار پارايا ويا،
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو