سانگهڙ ۾ 6 ڏوهاري گرفتار، 14 لکن جو لٽيل سامان برآمد: ايس ايس پي

سانگهڙ( رپورٽ عزيزالرحمان رند) ايس ايس پي سانگهڙ ذيشان شفيق صديقي چيو آهي ته ضلعي سانگهڙ جي مختلف ٿاڻن ٽنڊوآدم، سنجهورو ۽ شاهپورچاڪر ۾ گذريل ٻن هفتن دوران ٿيندڙ قتل، زيادتي، ڌاڙن ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هڪ اشتهاري ڏوهاري سميت ڇهه ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن ٻڌايو ته ٽنڊوآدم جي سٽي ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل ڌاڙي جي واردات ۾ ٻن سهولتڪارن اظهار علي چانيهون ۽ زين العابدين کي گرفتار ڪري وٽائن پرائز بانڊ، روڪ رقم ۽ سون سميت تقريبن چوڏهن لکن جو سامان هٿ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٽنڊوآدم ۾ ٿيندڙ زيادتي واري واقعي ۾ پوليس پيار علي کوسو کي گرفتار ڪيو آهي. جڏهن ته شاهپور چاڪر ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيندڙ ميرمحمد سيال جي ڪيس ۾ سندس زال گل مينا ۽ سندس سوٽ حاجي عرف بخشل سيال کي گرفتار ڪيو ويوآهي. جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف به ڪيوآهي. ايس ايس پي ٻڌايو ته سنجهوري ٿاڻي جي حد ۾ چوويهه ڪيسن ۾ گهربل اشهتاري ڏوهاري جمعو کورکاڻي کي گرفتار ڪيو ويوآهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو