ساجد گوندل کي سومر تائين بازياب ڪرايو، هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عدالت ٻن ڏينهن کان کنڀيل سيڪورٽيز ايڪسچينج ڪميشن جي جوائنٽ ڊائريڪٽر ساجد گوندل کي فوري بازياب ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سندس والده جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جاري ڪيل حڪم ۾ چيو آهي ته سومرجي منجهند تائين گوندل بازياب نه ٿيو ته 2 وڳي وفاقي گهرو کاتي جو سيڪريٽر عدالت ۾ پاڻ حاضر ٿي جواب ڏي. فيصلي جي ڪاپي ڪابينه ڊويزن کي ڏيو ته هو وفاقي ڪابينه آڏو رکي. عدالت چيو ته وفاقي گادي واري شهر مان ڪنهن شهري جو گم ٿيڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي. ساجد گوندل کي سوشل ميڊيا موجب مبينه طور ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوا جي پٽن جي ڪمپنين جو رڪارڊ ويب سائيٽ تان هٽائڻ جي خبرن سبب گم ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو