اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پرنسپل سيڪريٽري جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا آهن.اڳوڻي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان سائفر ڊرامو بي نقاب ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب اعظم خان 164 جي تحت پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن سائفر بابت به بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين سمورين حقيقتن کي لڪائي سائفر جو ڪوڙو ۽ بي بنياد بيانيو ٺاهيو. هن عدم اعتماد تحريڪ کان بچڻ جي لاءِ سائفر کي پرڏيهي سازش جو رنگ ڏنو. هن سائفر ڊرامو صرف ۽ صرف پنهنجي حڪومت کي بچائڻ جي لاءِ ڪيو.اعظم خان ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين چيو هو ته سائفر کي غلط رنگ ڏئي عوام جو بيانيو تبديل ڪري ڇڏيندس. هن سائفر مون کان 9 مارچ تي ورتو، بعد ۾ وڃائي ڇڏيو. عمران خان سائفر ڊرامي ذريعي عوام ۾ ملڪي سلامتي ادارن خلاف نفرت جو ٻج پوکيو.اعظم خان ٻڌايو ته سائفر کي ملڪي سلامتي ادارن ۽ آمريڪا جي ملي ڀڳت جو ڄاڻي واڻي غلط رنگ ڏنو ويو. منهنجي منع ڪرڻ جي باوجود هڪ ڳجهو خط عوام ۾ ذاتي مفاد جي لاءِ لهرايو ويو. اعظم خان موجب پي ٽي آءِ چيئرمين منهنجي سامهون سائفر کي عوام جي سامهون پرڏيهي سازش جي ثبوت طور پيش ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. سائفر جي معاملي تي سمورن ڪابينه ميمبرن کي ملوث ڪيو ويو ۽ سمورن ماڻهن کي ٻڌايو ويو ته سائفر کي ڪيئن استعمال ڪري سگهجي ٿو. سائفر جو حقيقت سان ڪوبه تعلق نه آهي. سائفر کي صرف سياسي مقصد جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. اهو ڊرامو پري پلان تحت ٺاهيو ويو هو.
