سائفر مامرو، عمران خان 25 جولاءِ تي طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي 25 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي کيس بني گالا ۽ زمان پارڪ جي پتي تي نوٽيس جاري ڪيا آهن.نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سياسي مقصدن لاءِ سائفر استعمال ڪرڻ جي جاچ جاري آهي ۽ ايف آءِ اي جي جوائنٽ انڪوائري ٽيم ان معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي.نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل انڪوائري ٽيم قومي سلامتي ۽ رياستي مفادن کي خطري ۾ وجهڻ جي الزامن جي جاچ ڪري رهي آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين کي 25 جولاءِ تي 12 وڳي ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر طلب ڪري لاڳاپيل دستاويز ۽ ثبوت آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو