زين شاه سان يڪجهتي لاءِ ريليون شٽر بند ھڙتال

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)مانجهند تعلقي جي مختلد شھرن ۾ ايس يو پي اڳواڻ زين شاه سميت بحريا واقعي جي اسيرن سان يڪجهتي ريليون شٽر بند ھڙتال زنجيرون ٻڌي انوکو احتجاج ڪيو مانجهند ۾ ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاه سميت بحريا ٽائون انتظاميا جي ڪيس جي اسيرن سان اظھار يڪجهتي ۽ بحريا ٽائون جي والار قبضن خلاف ايس پي پي ڪارڪنن  محمد عمر ابڙو يوسف عمراڻي گلشير کوسو اعجاز ميمڻ جي اڳواڻي ۾  پاڻ کي  زنجيرون ٻڌي  انوکو احتجاج  ڪري شاهي بازار مان ريلي ڪڍي وئي جڏھن ته شھرين پاڻمرادو ڪاروڀار بند رکي شٽربند هڙتال ڪئي لاکا ۾ علي نواز ڪنڀر بابل لطيف کوسو اصغر ميمڻ جي اڳواڻي ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي وئي   ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت بحريا ٽائون والار ذريعي ڌارين کي آباد ڪري رهي آھي قديمي ماڳ مسجدن سميت ڳوٺن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو جنهن خلاف پرامن احتجاج تي دهشتگردي سميت مختلف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو جنهن ۾ سيد زين شاه پاڻمرادو گرفتاري ڏئي ڪارڪنن مان خوف ختم ڪري ڇڏيو آھي کيس ۽ سمورن اسيرن کي يقين ٿا ڏياريون ت پارٽي جي هر فيصلي مطابق جيل ڀريو تحريڪ به هلائي ويندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو