زيرو پوائنٽ اسٽيشن جو نئون نالو ماروي رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

عمرڪوٽ (اي بي آريسر)پاڪستان ريلوي جي چيف ايگزيڪٽو پاران ڀارتي سرحد تي کوکراپار موڻاٻائو  وٽ موجود زيروپوائنٽ ريلوي اسٽيشن جو نالو بدلائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جاري ڪيل حڪم نامي مطابق هاڻي زيرو پوائنٽ ريلوي اسٽيشن جو نالو ماروي اسٽيشن هوندو.

اهڙو حڪم نامو عمرڪوٽ جي عوام ۽ مقامي ريلوي اختيارين جي مطالبي تي جاري ڪيو ويو آهي. عمرڪوٽ جي حب الوطني جي مثالي ڪردار جي نالي پٺيان اسٽيشن قائم ڪرڻ تي تاريخدانن، اديبن، شاعرن ۽ عام ماڻهن ۾ خوشي جي لهر، فيصلي جي ساراھ ۽ آجيان ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو