زيادتي بعد 3 ٻارڙن جو قتل، مظاهرين جو ٿاڻي تي حملو

قصور(ويب ڊيسڪ) ٽن ٻارڙن کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ خلاف شهري سراپا احتجاج، باهيون، ٿاڻي تي حملو. قصور جي تعلقي چونيان ۾ وحشي درندن پاران ٻارڙن سان زيادتي ڪرڻ بعد قتل ڪرڻ واري واقعي تي شهرين احتجاج ڪندي پوليس اسٽيشن مٿان حملو ڪري ڏنو آهي. رپورٽ مطابق چونيان ۾ اڍائي مهينن دوران 4 ٻارڙن کي اغوا ڪيو ويو جن ۾ فيضان، علي حسنين ۽ سلمان جا لاش جهنگ مان مليا جڏهن ته 12 سالا عمران جو هن وقت تائين ڏس پتو ناهي ملي سگهيو. واقعي خلاف تاجر برادري ۽ شهرين ٻارڙن جي قتل واري واقعي تي شديد احتجاج ڪيو ۽ ان دوران مشتعل شهرين مقامي پوليس اسٽيشن تي حملو ڪري ڏنو. مظاهرين پٿرن ۽ ڏنڊن سان پوليس اسٽيشن جون دريون، دروازا ۽ شيشا ڀڃي ڇڏيا. جڏهن ته پوليس مڇريل ماڻهن کي ڏسي ٿاڻي جو دروازو بند ڪري ڇڏيو جنهن بعد مظاهرين پاران ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. مظاهرين ۽ واپارين جو چوڻ هو ته متاثر والدين کي انصاف نه ملڻ تائين اسان جو ڪاروبار بند رهندو. ٻئي پاسي پوليس ٻارڙن سان زيادتي جي تصديق ڪندي 9 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي جنهن جون ڊي اين اي ٽيسٽون ڪرايون وينديون. پوليس مطابق 24 ڪلاڪن ۾ ڪيس متعلق حقيقتون سامهون آڻينداسين ان کان علاوهه آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي 6 رڪني تحقيقاتي ڪميٽي به ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. جنهن ۾ ڊي پي او قصور عبدالغفار قيصراني، ايس پي انويسٽيگيشن شهباز الاهي، ايس پي قدوس بيگ، اي ايس پي ننڪانه، سي ٽي ڊي رڪن ۽ اسپيشل برانچ جو ڊي ايس پي شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو