زندگي کي خطرو آهي، هٽايل جج وڌيڪ سيڪورٽي طلبي ورتي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  منهنجي ۽ خاندان جي زندگي کي خطرو آهي، مهرباني ڪري سيڪورٽي وڌايو، اهڙي درخواست وڊيو اسڪينڊل کانپوءِ احتساب عدالت جي هٽايل جج ارشد ملڪ حڪومت کي ڪئي آهي. جج قانون واري وزارت ۾ پاڻ پيش ٿي ذاتي طور سيڪيورٽي وڌائڻ جي درخواست ڏني، هن حڪومت کي درخواست ڪئي ته ڏنل پوليس گارڊ ناڪافي آهن اسنجي حياتي کي خطرو آهي. قانون واري وزارت سندس درخواست گهرو وزارت کي فارورڊ ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو