زندگيءَ ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ بهترين پرفارمنس جي ضرورت آهي؛ حراماني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪاره حرا ماني چيو آهي ته هن کي ڪامياب ٿيڻ لاءِ اداڪار فواد خان يا هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جي ضرورت ناهي پر ڪيريئر ۽ زندگيءَ ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ جنهن جي ضرورت هوندي آهي اها هوندي آهي صرف بهترين پرفارمنس. ڊراما سيريل دوبول کان شهرت حاصل ڪندڙ اداڪاره حراماني جي هڪ ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو ڪامياب زندگي جي طريقيڪار تي نظر وجهندي چيو آهي ته ان کي ڪامياب ٿيڻ لاءِ فواد خان جهڙي سپراسٽار يا سنجي ليليٰ ڀنسالي جهڙن هدايتڪارن جي ضرورت ناهي بلڪه هڪ انسان کي زندگي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ جنهن شيءِ جي ضرورت پوندي آهي اها آهي ان جي بهترين پرفارمنس جيڪا توهان ڪٿي به ڏيکاري سگهو ٿا. حرا ماني پنهنجون ڪاميابيون ڳڻائيندي چيو آهي ته هن پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ڊرامي پير نه ڪريو ڪوئي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو جنهن کان پوءِ هن پنهنجي ٻئي ڊرامي ۾ ثانوي ڪردار ادا ڪيو پوءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. اداڪاره چيو ته مون وانگي ڪا به اداڪاره پنهنجي ڪردارن سان کيڏي نه ٿي مان هڪ واحد اداڪاره آهيان جيڪا هن انڊسٽري ۾ ٻارڙن کان پوءِ هيروئن بڻي. واضح رهي ته حراماني جي ڪيريئر ۾ ان وقت عروج هيو جڏهن ان جو ڊرامو دو بول نشر ٿيو. ان ڊرامي جي ڪاميابي بعد حراماني جو شمار به پاڪستان شو بز انڊسٽري جي مصروف ترين ادڪارن ۾ ٿيڻ لڳو. ادڪاره حراماني 2008ع ۾ اداڪار ۽ پروڊيوسر سلمان ثاقب شيخ عرف ماني سان شادي ڪئي هئي جنهن مان ان کي 2 پٽ مزمل ۽ ابراهيم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو