زمين تي قبضي خلاف ميمڻ برادري جو احتجاج. تحفظ جو مطالبو

مانجهند ( ن س) مانجهند ۾ ميمڻ برادري جو زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف شاهي بازار مان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏواحتجاجي  ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي ارباب الطاف  حسين ميمڻ ارباب آفاق ميمڻ سڪندر ميمڻ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوهاري قسم جي ماڻھن غلام رسول حاجاڻو غلام رضا ۽ غلام حسين، سندن ابن ڏاڏن جي قبولي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪندي گذريل ڏينهن لوڙھي کي ھٿ سان باهه ڏئي ٻن ڄڻن کي کنڀرائڻ جو ناٽڪ ڪري ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس جاچ ڪري گم ٿيلن کي هٿ ڪري چڱن مڙسن وٽ فيصلي لا۽ لکت ورتي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته جوابدار جي ڀاءُ غلام قادر ٿاڻي تي لکت ڏني آهي ته سندس ڀاءُ غلط صحبت ۾ اچي شريف ماڻهن کي تنگ پيو ڪري، جنهن سان هن جوڪوبه تعلق ناهي. جڏهن ته سڄي علائقي کي خبر آھي ته ميمڻ  هميشه پر امن ۽ ڪاروباري ماڻهو آھن. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او مانجهند ٻڌايو ته ڌريون فيصلي تي راضي ٿي ويون آهي باقي باھ ڏيڻ ءِ اغوا جي ڳالھ بي بنياد آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو