زمين تان سميجا ۽ ملاح برادرين ۾ جهيڙو، هڪ فوت 2 زخمي

ٻيلو شھر (رپورٽ شعيب الرحمان)ڳوٺ علو ملاح ۾  صبح ساجھر سميجا ۽ ملاح برادرين ۾ جھيڙو ھڪ قتل  ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ اقبال۽ گلزار سميجو شامل  زخمين کي سجاول اسپتال بعد ڪراچي ريفر ڪيو ويو  جڏھن ته قتل ٿيل نور محمد لوٺيو جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جھيڙي جو ڪارڻ زميني تڪرار ٻڌايو پيو وڃي ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون  علائقي۾ خوف حراس ڇائنجي ويو آهي.پوليس واقعي واري ھنڌ پھتل ھئي آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل۾ نه آئي ھئي. ٻئي پاسي گم ڄاڻايل ڳوٺ حاجي گل طاهراڻي جي 80 سالا پيرسن علي محمد خاصخيلي جو لاش ٽنڊوجان محمد مان ھٿ آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو