زمين تان جهيڙو 2 ڄڻا فوت 4 ٻيا زخمي، ڇڪتاڻ برقرار

ڀريا روڊ(ن سنڌيار)ڳوٺ سانگهڙ ۾ زمين جي مالڪي تان راڄپر ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ٻيهر جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙي ۾ قربان علي بروهي۽ محمد علي راڄپر قتل ٿي ويا، جڏهن ته سبحان راڄپر،  ڀورل بروهي، غلام شبير لاشاري ۽ غلام حسين لاشاري زخمي ٿي پيا آهن، پوليس مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب خوف ۽ حراس ڇانيل آهي. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ٻه ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو جنهن ٻنهي ڌرين جا ٻه ٻه ماڻهون زخمي ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو