زلزلي ۾ فوت ٿيندڙ جي وارثن کي 05 لک ملندا

مظفرآباد (ڊسيڪ نيوز) وزيراعظم عمران خان ويجهڙائيءَ ۾ آزاد ڪشمير ۽ پنجاب ۾ آيل زلزلي سبب فوت ٿيندڙ ماڻهن جي وارثن کي پنج پنج لک روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم سيڪريٽريٽ مان جاري ٿيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم پاران چيئرمين نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي انهيءَ معاوضي جو اعلان ڪيو ويو. اين ڊي اي چيئرمين پاران وزيراعظم کي زلزلي ۽ ان بعد آيل آفٽرساڪس واري صورتحال بابت آگاهي ڏني. جڏهن ته ملڪيتن ۽ ٻين نقصانن جي سروي ڪري ٻيا معاوضا بعد ۾ هڪ پيڪيج تحت ڏنا ويندا.  

پهنجو تبصرو موڪليو