ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تازي برساتن کي نظر ۾ رکندي پارٽي سان تعلق رکندڙ وزيرن کي پنهنجي تڪن ۾ پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي.هڪ بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته ميونسپل چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين، ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ڪائونسلر پنهنجو ڪردار ادا ڪن.آصف زرداري پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.سندس چوڻ آهي ته تازو برساتن سبب سنڌ جي زراعت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي.هن چيو ته برساتن سبب کجور ۽ انبن جي پيداوار کي نقصان پهتو آهي.
