زارا نور عباس ۽ اسد صديقي جي ننڍي مهمان جي آمد متوقع

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور جوڙي اداڪار اسد صديقي ۽ اداڪارا زارا نور عباس هڪ سال اڳ فوت ٿيل ٻار کي جنم ڏيڻ کانپوءِ ٻئي ٻار کي جنم ڏيڻ جو امڪان آهي.زارا نور عباس فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي مڙس اداڪار اسد صديقي سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي.هن تصوير ۾ زارا نور عباس هٿ ۾ ڊونٽ جهلي بيحد خوش نظر اچي رهي آهي جڏهن ته اسد صديقي پنهنجي پويان ٻوٽن کي پاڻي ڏئي رهيو آهي تصوير شيئر ڪندي هن کي رائونڊ ٽو طور ڪيپشن ڪيو ۽ ان سان گڏ ٻار ۽ خانداني ايموجيز استعمال ڪيو.واضح رهي ته هوءَ ٻيو ڀيرو ماءُ ٿيڻ واري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو