“رينا ۽ روينا” جي عمر جي تعين ۽ دماغي حالت جي ٽيسٽ لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڏهرڪي جي نارين رينا ۽ روينا جي والد سندن عمر جي تعين ۽ هنن جي نفسياتي ٽيسٽ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي. ڏهرڪي جي نارين رينا ۽ روينا جي والد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڏنل درخواست ۾ اپيل ڪئي آهي ته نارين جي عمر معلوم ڪرڻ جي حوالي سان ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي. واضح رهي ته رينا ۽ روينا شادي ڪرڻ بعد مڙسن سوڌو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. نارين جي وڪيلن چيو هو ته سندن عمر 18 سالن کا وڌيڪ آهي ۽ هُنن رضا خوشي سان مسلمان ٿي شادي ڪئي آهي. هو مڙسن سوڌو حڪومتي تحويل ۾ آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو