ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ريحان احمد انگلينڊ لاءِ ٽيسٽ ڪيپ حاصل ڪندڙ 710 هون رانديگر بڻجي ويو.ليگ اسپنر ريحان احمد انگلينڊ جو ننڍي عمر ۾ ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو آهي، کيس اڳوڻي انگلش ڪپتان ناصر حسين ٽيسٽ ڪيپ ڏني.ريحان احمد جو والد نعيم احمد به اسٽيڊيم ۾ موجود هو جڏهن کيس ٽيسٽ ڪيپ ڏني وئي.هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪولم پيءُ کي پٽ جي ٽيسٽ ڪيپ تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
