اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالرن جي قرض جي منظوري سان گڏ ٻئين جائزي لاءِ شرط به رکي ڇڏيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان حڪومت کان ريئل اسٽيٽ ۽ زرعي شعبي تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي رٿ طلب ڪئي آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان وٽ پراپرٽي سيڪٽر ۽ زرعي شعبي مان آمدنيءَ ۾ واڌ جي صلاحيت آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف چيو آهي ته روينيو وڌائڻ لاءِ پراپرٽي سيڪٽر ۽ زرعي شعبي تي ٽيڪس لڳايو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايف بي آر جو پلان آءِ ايم ايف کان منظور ٿيو ته مني بجيٽ اچي سگهي ٿي، پر پراپرٽي سيڪٽر ۽ زرعي شعبي تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو نئين حڪومت کي ئي ڪرڻو پوندو.ذريعن موجب پراپرٽي سيڪٽر ۽ زرعي شعبي تي ٽيڪس لڳائڻ لاءِ عالمي بئنڪ کان مدد ورتي ويندي.
