رند برادري پاران نوجوان جي قتل خلاف احتجاج،لاش رکي ڌرڻو

سانگهڙ (ڊر)ورڪشاپ ڀرسان منگلي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪوڙو خان رند ۾ بااثر هٿياربندن پاران رند برادري جي گهرن تي چڙھائي ڪري انور علي رند کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آھن هوڏانهن بااثر هٿياربندن جي فائرنگ بعد ڳوٺاڻن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو رند برادري جي گهرن تي ٿيندڙ حملي جي اهڙي اطلاع ڳوٺاڻن پاران منگلي پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس اطلاح باوجود به پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي هوڏانهن ڳوٺاڻن پاران بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان جو لاش روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو مارجي ويل ويل نوجوان جي وارثن پاران  الزام هڻندي چيو ته اسان جي گهرن تي سانگهڙ شهر جي نظاماڻي برادرين ماڻهن پاران ڪاه ڪري اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو آھي هنن وڌيڪ ٻڌايو ته حملي جي بروقت اطلاع منگلي پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس واقعي واري هنڌ پهچڻ جي زحمت نه ڪئي هنن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آھي اسان جي نوجوان جي خون سان انصاف  ڪيو وڃي هوڏانهن مارجي ويل نوجوان جو لاش روڊ تي ڌرڻي واري هنڌ پيل ھو مارجي ويل نوجوان جي وارثن  لاش روڊ تان  کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو رند برادري جي گهر اندر فائرنگ ڪري قتل ڪندڙن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي هوڏانهن اهڙي واقعي بعد فوتي جي  ڳوٺ قهرام متل آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو