رمضان شوگر ملز ڪيس، وزيراعظم ۽ سندس پٽ حمزه شهباز بري

رمضان شوگر ملز ڪيس، وزيراعظم ۽ سندس پٽ حمزه شهباز بري

لاهور: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي رمضان شوگر ملز ڪيس مان بري ڪيو ويو آهي.لاهور جي احتساب عدالت جي جج سردار محمد اقبال ڊوگر محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي ڪيس مان بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.18 فيبروري 2019ع تي نيب شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز خلاف رمضان شوگر ملز ڪيس ۾ ريفرنس داخل ڪيو هو.شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي قومي خزاني مان 210 ملين رپين جي لاڳت سان شگر ملز لاءِ سيوريج ڊرين ٺاهڻ جو الزام هو.رمضان شوگر ملز ڪيس جو فيصلو 3 فيبروري تي محفوظ ڪيو ويو هو، جڏهن ته 28 جنوري تي ڪيس جي مدعي ذوالفقار علي ريفرنس ۾ پنهنجي عدم دلچسپي جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو