ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي سپر اسٽار رجني ڪنٿ جي فلم ”جيلر“ 10 آگسٽ تي سڄي دنيا ۾ رليز ٿيڻ واري آهي ۽ ڏکڻ هندستاني رياست تامل ناڊو ۾ فلم جا مداح پنهنجي جوش تي قابو نه رکي سگهيا آهن.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب رياست تامل ناڊو ۾ اڪثر ملازمن فلم جي رليز واري ڏينهن پنهنجي آفيسن ۾ موڪلن جي درخواست ڏني آهي.ان ڏس ۾ رياست جي 2 ڪمپنين 10 آگسٽ يعني خميس تي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، انهن مان هڪ ڪمپني چنائي، بنگلورو، تريچي، ترونيل ويلي، چنگالپتو، متوٿاني، ارپاليام ۽ الگاپ نگر ۾ به پنهنجون ڪمپنيون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. .ان حوالي سان ڪمپني پاران باضابطا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
