راولپنڊي ٽيسٽ ميچ بنا نتيجي ختم،عابد علي جومنفرد عالمي رڪارڊ

اسلام آباد (اياز مهر) اوپننگ بيٽسمين عابد علي پهرين ٽيسٽ ۽ پهرين ون ڊي ۾ سينچري اسڪور ڪرڻ وارو دنيا جو پهريون ڪرڪٽر بڻجي ويو آهي.ڪرڪٽ جي تاريخ ۾ اڄ تائين اهو اعزاز ڪنهن به رانديگر حاصل ناهي ڪيو.  هن هلندڙ سال مارچ ۾ آسٽريليا خلاف پهرين ون ڊي ۾ سينچري ٺاهي جڏهن ته ٽيسٽ سينچري راولپنڊي ۾ سريلنڪا خلاف پنهنجي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ اسڪور ڪئي. سريلنڪا ۽ پاڪستان ۾ ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز جي پهرين ميچ بارش سبب ڊرا ٿي وئي. سريلنڪا ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 308 رنز تي 6 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي اننگ ڊڪليئر ڪئي هئي.

جنهن جي جواب ۾ پاڪستان 252 رنز 2 رانديگر آئوٽ ٿيا. اوپنر عابد علي 109 تي ۽ بابر اعظم 102 تي ناٽ آئوٽ رهيا. عابد علي 95 رنز تي جڏهن بيٽنگ پيو ڪري ته وشوا فرنينڊو کي چوڪو هڻي ٻئي بال تي ڊبل رنز وٺندي ئي سينچري جي خوشي ملهائيندي هٿ فضا ۾ بلند ڪيا ۽ سجدي ۾ ڪري پيو. جنوري 1971 ۾ شروع ٿيل ون ڊي گيمز ۾ پهرين ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ دنيا جو 15 هون ڪرڪٽر آهي. هن دبئي ۾ آسٽريليا خلاف 112 رنز اسڪور ڪيون هيون. جڏهن ته پهرين ٽيسٽ ۾ سينچري هڻندڙ 11 هون پاڪستاني رانديگر آهي. دنيا جو هي واحد بيٽسمين آهي جنهن پهرين ٽيسٽ ۽ پهرين ون ڊي ۾ سينچري ٺاهي آهي. ٽيسٽ ڪرڪٽ 1876 ۾ شروع ٿي هئي. راولپنڊي ٽيسٽ جي ابتدائي 4 ڏينهن دوران بارش ۽ گهٽ روشني سبب 91.5 اوورز جي راند ٿي هئي. ٻنهي ٽيمن ۾ ٻئي ٽيسٽ ميچ ڪراچي ۾ 19 ڊسمبر تي شروع ٿيندي. پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ جي پنجين ڏينهن تي سرينلڪا 6 وڪيٽن جي نقصان تي 308 رنسون ٺاهي اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي. ميچ جي پنجين ڏينهن تي سريلنڪا جي ڌنجيا ڊي سلوا ۽ دلران پريرا پنهنجي نامڪمل اننگز جو شروعات 282 رنسن کان ڪئي ۽ اسڪور ۾ وڌيڪ 26 رنسن جو اضافو ڪرڻ بعد اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي. پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه ٻه ٻه وڪيٽون جڏهن ته عثمان شنواري ۽ محمد عباس هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. سرينلڪا جي ڌنجيان ڊي سلوا 102 ۽ دلروان پريرا 16 رنسون ٺاهي نائوٽ رهيا. ڪپتان ديموٿ ڪرونارتني 59 ۽ اوشادا فرنينڊو 40 رنسون ٺاهيون هيو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ جي چوٿين ڏينهن به راند برسات ۽ خراب موسم سبب شروع نه ٿي سگهي هئي ۽ صبح کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو جنهن سبب پنڊي اسٽيڊم ۾ کيڏجندڙ ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن به سريلنڪا پنهنجي پهرين اننگز مڪمل نه ڪري سگهيو ۽ اهڙي طرح پهرين ٽيسٽ ميچ ڊرا ٿيڻ جا چٽا امڪان نظر اچي رهيا هئا. ميچ جي ٽئين ڏينهن تي به پچ آلي هئڻ سبب مانجهاندي تائين ميچ شروع نه ٿي سگهي بعد ۾ جڏهن جڏهن ميچ شروع ٿي ۽ سريلنڪا پنهنجو مجموعي اسڪور 282 رنز تي پهچايو ته گهٽ روشني سبب ميچ روڪي وئي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هي ميچ بنا نتيجي ختم ٿي ويندي.

ڏهن سالن بعد ٽيسٽ ڪرڪٽ جون رونقون پاڪستان موٽي آيون آهن ۽ راولپنڊي ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز جي پهرين ميچ جاري آهي. پهرين ڏينهن جي مڪمل ٿيڻ تائين سريلنڪا 5 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 202 رنز ٺاهيون.ٻئي ڏينهن راند شروع ٿي ته ٿوري دير بعد بارش ٿي پئي جنهن سبب ميچ روڪي وئي. سريلنڪا 20 رنز جو اسڪور ۾ بنا نقصان جي اضافو ڪيو ته ميچ روڪي وئي. ساڍن ٽن ڪلاڪن بعد ٻيهر ميچ شروع ٿي ته شاهين آفريدي ڊڪويلا کي 33 رنز تي آئوٽ ڪيو. ٻئي ڏينهن رڳو 18.2 اوورز جي راند ٿي سگهي ۽ سريلنڪا جو مجموعي اسڪور 6 وڪيٽن جي نقصان تي 263 ينز آهي. آفريدي ۽ نسيم ٻه ٻح وڪيٽون ورتيون آهن جڏهن ته شنواري ۽ عباس کي هڪ هڪ وڪٽ ملي آهي. 85 سيڪڙو چانس ميچ ڊرا ٿيڻ جو آهي. مهمان ٽيم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ سندن بيٽنگ جاري آهي. ٻئي ٽيسٽ ميچ ڪراچي ۾ کيڏي ويندي.عابد علي ۽ عثمان شنواري کي ٽيسٽ ڪيپ ملي وئي.

عابد علي ۽ عثمان شنواري کي ٽيسٽ ڪيپ ملي وئي، فوٽو ٽوئٽر

ياسر شاهه ۽ عماد وسيم کي ڊراپ ڪيو ويو. ڪپتان ڊيموٿ ڪرونا رتني اوشانا فرنينڊو سان گڏ اننگ جي بهتر ين شروعات ڪئي 96 جي مجموعي اسڪور تي ڪپتان شنواري جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو، هن 59 رنز ٺاهيون. 109 جي مجموعي اسڪور تي فرنينڊو 40 رنز ٺاهي نسيم شاه جو شڪار بڻيو. ان بعد ڪوشل مينڊس ۽ اينجلو ميٿيو 10 ۽ 31 رنز ٺاهي پويلين موٽيا، کين به شنواري ۽ نسيم آئوٽ ڪيو. آخري آئوٽ ٿيڻ وارو رانديگر دنيش چنديمل هو جنهن 2 رنز ٺاهيون.

بارش جو امڪان به آهي ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته پهرين ٽيسٽ ڊرا ٿين جو امڪان آهن. مارچ 2009 ۾ سريلنڪا جي ٽيم تي حملي بعد انٽر نيشنل ٽيمن پاڪستان اچن بند ڪيو ۽ هاڻي سريلنڪا جي ئي ٽيم 10 سال بعد ٽيسٽ کيڏڻ آئي آهي. پاڪستان جي سموري ٽيم پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو