رانا تنوير پي اي سي جو نئون چيئرمين چونڊجي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ميان شهباز شريف پاران پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ بعد رانا تنوير حسين کي نئون چيئرمين چونڊيو ويو آهي. سندس نالو شهباز شريف تجوزي ڪيو هو. اسپيڪر قومي اسمبلي اسد قيصر پاران سڏايل اجلاس ۾ هو بنا مقابلي چونڊجي ويو، اجلاس ۾ سندس نالو پي ٽي آءِ جي نصر الله دريشڪ ۽ پيپلز پارٽي جي راجه پرويز اشرف ۽ ٻين تجويز ڪيو. ياد رهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ دگهي تڪرار بعد پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي يعني پي اي سي جي چيئرمين شپ گذريل سال ڊسمبر ۾ شهباز شريف کي ملي هئي پر هو بعد ۾ ڊگهي عرصي تائين پرڏيهه ۾ هو ۽ 6 مهينن تائين اجلاس نه ٿي سگهيو هو. هي ادارو واچ ڊاگ جو ڪردار ادا ڪندو آهي. رانا تنوير حسين شيخوپوره مان مسلم ليگ (ن) جو ايم اين اي آهي ۽ نواز شريف جو جيالو آهي. هن چيو ته هو ڪميٽي جي ڪاروائي غيرجانبداري سان هلائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو