ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته بالي ووڊ اداڪار راج ڪمار رائو ۽ اداڪارا پترا ليڪا پال ايندڙ هفتي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌنبا. ٽائمز آف انڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل هڪ ڏهاڪي کان رومانوي رشتي ۾ رهڻ کانپوءِ ٻئي اداڪار هلندڙ مهيني جي ٻئي هفتي ۾ شادي ڪندا. رپورٽ ۾ ڪنهن به ذريعن جو حوالو ڏيڻ کانسواءِ چيو ويو آهي ته جوڙو ڪجهه وقت کان پنهنجي شادي جي ڳالهه ڪري رهيو هو پر هاڻي ان جي تصديق ٿي وئي آهي. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته راج ڪما رائو ۽ پترا ليکا پال جي شادي جون تقريبون 10 نومبر کان شروع ٿينديون ۽ 12 نومبر تائين جاري رهنديون. رپورٽ ۾ جوڙي جي شادي جي جڳهه جي وضاحت نه ڪئي وئي پر دعويٰ ڪئي وئي ته هو ايندڙ هفتي نئين زندگي شروع ڪرڻ وارا آهن. ٻنهي جو تعلق گذريل ڏهاڪن کان آهي. 3 سال اڳ 2018ع ۾ اداڪارا پترا ليکا کان جڏهن شادي بابت پڇيو ويو ته هن چيو هو ته ٻئي گهٽ ۾ گهٽ 5 سالن تائين شادي نه ڪندا پر هاڻي خبر سامهون آئي آهي ته ٻئي ايندڙ هفتي ٻيهر گڏ ٿيندا. اداڪارا پترا ليکا پال پنهنجي اداڪاري جي شروعات 2014ع ۾ هينسل مهتا جي فلم سٽي لائيٽس سان ڪئي ۽ هن وقت تائين هڪ درجن کان وڌيڪ فلمون رليز ڪري چڪيون آهن. راج ڪمار رائو پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 2010 ۾ پوليٽيڪل ٿرلر فلم ”رن“ سان ڪئي ۽ هن وقت تائين ٽي درجن کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. راج ڪمار رائو گهڻو ڪري معاون ڪردارن ۾ نظر ايندو آهي، پر هن هڪ درجن کان وڌيڪ فلمن ۾ مرڪزي ڪردار پڻ ادا ڪيو آهي.
’اسمبلين ۾ عوام جا نه پر فوجي جنرلن جا نمائندا ويٺا آهن‘
ميزائيل پرزن جي سپلائي، آمريڪا جي 4 ڪمپنين تي پابندي
نئون قرض پروگرام: آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي درخواست منظور
ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ برساتن سبب تباهي، فوتين جو انگ 61 ٿي ويو
ننڍي چونڊ دوران موبائل ۽ انٽرنيٽ معطل ڪرڻ جي سفارش
ٽيڪس وصولي ۾ ناڪامي، وڏي وزير جي سخت ڪاوڙ
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
علامه اقبال ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان