رات جو 9 وڳي کانپوءِ ڪو به ٻار روڊ تي پنندي نظر نه اچي

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس حڪم ڏنو آهي ته رات 9 وڳي کانپوءِ ڪو به ٻار روڊ تي پِنندي نظر نه اچي. پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ روڊن تي رات جو ٻارن جي پنڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس محمد ابراهيم خان درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته روزي ڪمائڻ جو هڪ ڪو وقت هوندو آهي، مسئلي کي حل ڪيو نه ته ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر کي ٿو گهرايان. هن ريمارڪس ڏنا ته رات جو هڪ وڳي ٻار گل کپائيندا آهن، ڇا اهو ٺيڪ آهي؟ رات 9 وڳي کانپوءِ ڪو به ٻار روڊ تي پنندي نظر نه اچي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ان معاملي تي نگران وڏي وزير کي به طلب ڪنداسين، گڏوگڏ عدالت ٻڌڻي 2 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو