دڪاندارن سان گڏ آهيان، هر ممڪن ڪوشش ڪندس؛ سيف الله ڌاريجو

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) پوليس ويلفيئر شاپنگ سينٽر جي هلندڙ بک هڙتالي ڪئمپ تي اڳوڻو صوبائي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو اظهار يڪجهتي لاءِ پهتو. ان موقعي تي سنڌ يار سان ڳالهائيندي ڄام سيف الله خان جو چوڻ هو ته ڪورٽ جو مسئلو آهي مون کانئن سمورو حال احوال ورتو آهي انشاءِ الله متاثرن جي مدد لاءِ آئون پاڻ پتوڙيندس ۽ اوهان سان گڏ آهيان. جنهن بعد احتجاجي دوڪاندارن صابر راجپوت، رانا مشتاق، پون ڪمار، اڪرم مغل ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جا دوڪان بلاجواز سيل ڪري دربدر ڪيو ويو آهي ڪيترن ڏينهن کان احتجاج ڪيون پيا پر نوٽيس ناهي ورتو ويو. هنن چيو ته انصاف تائين احتجاج جاري رکنداسين. دڪاندارن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته دوڪان کولرائي انصاف ڪيو وڃي. ان موقعي تي صوبائي وزير سان گڏ پ پ  تعلقي گهوٽڪي جو اڳواڻ سڪندر علي لاکو پڻ گڏ هو. ٻئي طرف احتجاجين وٽ ڪامريڊ جمال شاھ پڻ پهتو جنهن مڪمل ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو