دهشتگرد سان ملاقات ناهي ڪئي، جاچ جو حڪم ڏنو اٿم، مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هڪ دهشتگرد کان چئورايو ويو آهي ته هن مون سان ملاقات ڪئي هئي، ان معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو اٿم. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان اصل معاملي جي تهه تائين پهچي ويو آهيان. مون ڪڏهن به يوسف ٺيلهي واري سان مليو ئي ناهيان، جيتري قدر سرڪاري نمبر پليٽ واري گاڏي جي ڳالهه آهي ته هر سرڪاري گاڏي سي ايم هائوس جي ناهي هوندي ۽ جاچ  پتو پيو آهي ته جنهن گاڏي جو ذڪر ڪيو ٿو وڃي اها گورنر هائوس جي آهي. هن چيو ته ٺيلهي واري کي 2017 ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ ان وقت کان هو رينجر جي حراست ۾ هو، مون ساڻس ملاقات ڪڏهن ڪو نه ڪئي هئي. ياد رهي ته ايم ڪيو ايم لنڊن سان تعلق هجڻ واري دهشتگرد يوسف عرف ٺيلهي واري کي گذريل ڏينهن ايس ايس پي اظفر مهيسر ميڊيا آڏو پيش ڪيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته حراست دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هن سان ملاقات ڪئي هئي ۽ فاروق ستار کيس نائن زيرو ۾ جاءِ وٺي ڏني هئي. هن فوج، پوليس ۽ شهرين سميت 96 ماڻهن جي ٽارگٽ ڪلنگ جو اعتراف ڪيو هو. ياد رهي ته فاروق ستار به ڪالهه ئي ترديد ڪري ڇڏي هئي ته هن جو يوسف ٺيلهي واري سان ڪو واسطو ناهي سندس خلاف هن جو بيان هڪ سازش جو حصو ٿو لڳي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو