دهشتگردن جو راڄ ختم ٿيو، ترقي لاءِ ڪم ڪبو، بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگردن جو راڄ ختم ٿي ويو، هاڻي شهر جي ترقي لاءِ ڪم ڪنداسين، سُپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته بحريه ٽائون جي پئسي تي سنڌ جي عوام جو حق آهي، اُهو پئسو سنڌ حڪومت کي ڏنو وڃي ته جيئن عوام تي خرچ ٿئي، اهڙو اظهار هن برسات متاثر علائقن جي دوري دوران ميڙن کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته ڪراچي ۾ سئو سالن کانپوءِ ايڏي برسات پئي، جنهن ۾ عوام جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، اُميد ته عوام شهيد ذوالفقار ۽ بينظير ڀٽو جيان اسان جو به ساٿ ڏيندو، نوان گهر ملڻ تائين نالن جي صفائي دوران ڪنهن جا به گهر نه ڊاهيا ويندا، برسات ۾ جن ماڻهن جو نقصان ٿيو آهي، اُنهن جو خيال رکيو ويندو، ناظم آباد ۾ پ پ ڪارڪنن طرفان بلاول ڀٽو تي گلن جي ورکا ۽ نعريبازي سان آجيان ڪئي وئي. هوڏانهن هن ڌار جاري ڪيل بيان ۾ يوم دفاع جي موقعي تي شهيدن کي خراج پيس ڪندي چيو ته هي جمهوري ملڪ آهي جنهن جو دفاع مضبوط ڪرڻ لاءِ شهيد ڀٽو ايٽمي پروگرام ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو بيلسٽڪ ميزائل سسٽم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو