دنيا گرمي جي شدت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهي:گڏيل قومون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته دنيا گرمي جي شدت ۾ واڌ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهي.چين ۾ 52 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، آمريڪا جي شهر فينڪس ۾ 50 سالن جو گرمي جو رڪارڊ ٽٽي ويو.ڏينهن دوران گرمي پد 44 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته يورپ ۾ شديد گرمي جي لهر جاري آهي.اٽلي جي راڄڌاني روم ۾ پارو 41.8 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو. ٻئي طرف اسپين، يونان ۽ سوئٽزرلينڊ کي جنگلن ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.ڪينيڊا جي ٻيلن ۾ 500 هنڌن کان وڌيڪ باهه قابو کان ٻاهر ٿي چڪي آهي.ڪينيڊا مان اڀرندڙ دونهون اتر ۽ اوڀر آمريڪا کي به متاثر ڪري رهيو آهي، آمريڪا جي 20 رياستن ۾ خراب فضائي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو