دنيا جي مختلف ملڪن ۾ نئين سال جون تقريبون جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سڄي دنيا ۾ نئين سال جون خوشيون ملهائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. 2024 جي استقبال لاءِ آتشبازي سميت مختلف تقريبون منعقد ٿي رهيون آهن. پاڪستان ۾ حڪومت غزه تي اسرائيل جي حملن سبب سادگي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهيهوائي فائرنگ تي پابندي آهي. ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري وڃڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي. دنيا ۾ سڀ کان اڳ نيوزيلينڊ نئين سال جي شروعات پاڪستاني وقت موجب شام 4 وڳي آتشبازي سان ڪئي. ان کان اڳ ٽونگا، ساموا ۽ ڪريباتي ۾ پاڪستاني وقت موجب 3 وڳي نئون سال ملهايو ويو. آسٽريليا جي نئين سال جي شروعات پاڪستاني وقت موجب شام 6 وڳي سڊني ۾ آتشبازي سان ٿيندي پر ان کان اڳ سڊني هاربر تي فيملي شو منعقد ڪيو ويو. آسٽريليا کان پوءِ جاپان، ڪوريا، انڊونيشيا ۾ به نئون سال شروع ٿيندو، پوءِ ڏکڻ ايشيائي ملڪن، روس، يورپي ملڪن ۽ آخر ۾ آمريڪا ۾ به نئون سال ملهايو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو