طفيل مگسي
دنيا جي عظيم انقلابي اڳواڻ ڊاڪٽر چي گويرا جنهن راجنٽائن جي مقدس ڌرتي تي جنم ورتو.ڊاڪٽر ڇي جيڪو ننڍپڻ کان ئي دم( سهڪي) جو مريض ھئڻ جي باوجود هو هڪ بهترين ايٿلٽ ھو ۽ شطرنج پڻ تمام وڏو شوقين هو.پنهنجي جوانيء ۾ ئي هن کي ڪتابن پڙھڻڻ سان نهايت انس هو.هن جي خوش قسمتي هئي ته هن جي گهر ۾ 3000کان وڌيڪ ڪتاب موجود هئا.جن کان هن پنهنجي ڄاڻ ۾ لازوال واڌارو ڪيو.
چي جيڪو بنيادي طور تي ميڊيڪل جو شاگرد هو.تعليمي ڪيرئر جي دوران هن جي اندر سياحت جي شوق جو سمنڊ ڇوليون هڻندو رهندو هو.۽ 1950ع کان 1953ع تائين هن ڏکڻ افريقا کي ٽي ڀيرا پنهنجي سياحت جو مرڪز بڻايو.جنهن ۾ پهرين 1950ع ۾ ھن سائيڪل تي چڙھي 4500ڪلوميٽر جو سفر براعظم جي ڏکڻ کان اتر ڏانهن ڪيو..جڏھن ته ٻيو سفر هن 1951ع ۾ موٽر سائيڪل تي چڙھي ڪري طئي ڪيو.جيڪو ٻيڻو ڊگهو يعني 8000ڪلوميٽر هو.ٽيون سفر هن 1953 ع ۾ ڪيو.ٽئي ڀيرا هن ڪيترائي ملڪ جيئن چلي.پيرو.ايڪواڊور.ڪولمبيا.وينزويلا.پاناما.برازيل.بوليويا ۽ ڪيوبا ڪراس ڪيا. هن سفر کي موٽرسائيڪل جرني جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آھي.جنهن تي ڪيترائي ڪتاب.۽ پاڻ ھن جي ياداشت ڇپجي چڪا آھن.
هن سفر جي دوران چي جي مشاهدي ۾ جتي بي پناه واڌارو ٿيو.اتي جڏھن هو ٻھراڙين ۽ ننڍڙن ننڍڙن شھرن کان گذريو ته اتان جي رهواسين جي حالت زار .غربت ۽ بک ۽ بيمارين هن جون اکيون کولي ڇڏيون.۽ ان مشاھدي کان هن نتيجي تي پهتو ته اٽڪل سمورو ڏکڻ آفريقا ان وقت امريڪا جي ڪٺ پتلي حڪمرانن جي تسلط هيٺ آھي .۽ ان جي اوٽ ۾ سرمائيداري نظام هتي پنهنجيون پاڙون مضبوط ڪري رهيو آھي.جنهن جي پٺيان ڪو ٻيو نه بدنام زمانه امريڪا بهادر آھي. هن چڱيء ريت ڄاتو ٿي ته اهي ٻئي يعني سرمائيداري ۽ سندس سرپرست امريڪا ڪڏھن به غريبن جس دوست نٿا ٿي سگهن ۽ انهن جي تسلط کانهن خطي کي آزاد ڪرائڻ جي لاء هن کي پنهنجي تعليم ڇڏڻي ڪري انقلابي رستو اختيار ڪرڻو پيو.
گوئٽي مالا.
پنهنجي ٽين سفر جي دوران هو ڱوئٽي مالا پهتو.جتان جي صدرگرمين جي خلاف امريڪي سي آئي اي سرگرم هئي ته جيئن ان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري پنهنجو ڪٺ پتلي حڪمران ويهاري سگهي.۽ سازش ۾ اهو ڪامياب پڻ ٿي ويو.جنهن تي نئين امريڪي نواز حڪومت جي خلاف مختلف ڪميونسٽ گروپ سرگرم ٿي ويا .چيء به انهن جو ساٿ ڏنو.مگر ستت ئي اهي اختلافن جو شڪار ٿي ويا ۽ گرمين باغين جي اڳواڻي ڪرڻ جي بجاء ميسيڪو جي سفارتخاني ۾ پناه ورتي.جنهن سان سندس بحالي جي تحريڪ ڪمزور ٿي وئي ۽ حڪومتي ڪارندا ڪامياب ٿي ويا .چيء آخري پل تائين مزاحمت ڪئي.مگر هن کي به نيٺ پنهنجي سفارتخاني ۾ پناه وٺڻي پئي
ڪيوبا.
چي گويرا 19ع ميسيڪو هليو ويو.جتي هڪ سال تائين جنرل اسپتال ۾ الرجي جو شعبو سنڀالڻ کانپوء 1955 ع ۾ ھن جي ملاقات ڪيوبا جي نئين اڀرندڙ انقلابي ليڊر فيڊل ڪاسترو جي ڀاء راهول ڪاسترو سان ٿي.جنهن هن جي سوچ کان متاثر ٿي ڪري بعد ۾ ھن کي پنهنجي ڀاء سان ملايو.ان ملاقات کي جيڪڏھن چيء جي زندگي جي شروعات سڏجي ته بهتر ٿيندو…ٻئي ٽڪرايل يا مختلف شخصيتون هئڻ جي باوجود هڪ ٻئي کي ڪافي متاثر ڪيو.۽ چيء ڪاسترو جي تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ٻنهي جو نشانو امريڪي نواز ڪيوبن حڪمران پاتستا هو.جيڪو ملڪ کي اڏوھي جيان کوکلو ڪري رهيو هو.اها تحريڪ اٽڪل چار سال هلي .ان دوران چيء باقاعدي گوريلا ٽريننگ پڻ حاصل ڪئي.۽ ان ۾ تمام گهڻو ڪامياب رهيو.ڪاسترو به هن جي قابليت ۽ ڊسيپلين کان نهايت متاثر ٿيو.اهوئي سبب هو ته ڪجه ئي عرصي ۾ هن کي پنهنجو ساٿي بڻائي ڇڏيو. چي جهڙي انقلابي جي بدولت ئي اهو وقت ڏور نه هو.1959ع تي ڪٺ پتلي حڪمران ملڪ ڇڏي ڪري فرار ٿيڻ تي مجبور ٿيو.
انقلابين جي حڪومت آئي ته ان کي ڪيترن ئي مسئلن جو سامهون ڪرڻو پيو.چيء کي صنعت ۽ خزاني جون وزارتون ڏنيون ويون.مگر انقلابي جدوجهد جي باوجود به سڌارن جو ڪم ڏکيو هو.تڏھن جڏھن امريڪا بهادر ان جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪري رهيو هو.۽ قسمين قسمين جون معاشي پابنديون هڻي رهيو هو.ان دوران چيء ڪافي ڪوشش ڪئي.ڪيترن ملڪن جا دورا پڻ ڪيائين ۽ وڏن وڏن مانگر مڇن کان زمينون کسي ڪري غريبن ۾ ورها يائين.مگر انهن سڌارن جا ڪي بهتر نتيجا نه نڪري سگهيا.۽ ھو وري لاپتا ٿي ويو ۽ اهوئي اهڙو وقت هو جڏھن هن جي اندر وري انقلابي يا باغيء ڪر کنيو ۽ ھن انهن معاشي مغزمارين ۾ مٿو هڻڻ جي بجاء ڪانگو جي چونڊ ڪئي.جتي هڪ ٻئي امريڪي ڪٺ پتلي حڪومت جي خلاف تحريڪ جي شروعات ڪئي.
ڪانگو.
چيء 1955ع جي شروعات ۾ جهموريا ڪانگو پهتو.هن سان گڏ ھن جا درجن ساٿي به هئا.هتي هن جي اچڻ کانپوء هن جو مقصد هتي تحريڪ هلائڻ وارن کي پنهنجو تجربو منتقل ڪرڻ ۽ انهن سان گڏجي ڪري جدوجهد ڪرڻ هئي .مگر شروعات ۾ ئي هن کي مايوس ٿيڻو پيو. اهو ڪيوبا نه هو ته جتي انقلابي ازم سان ٽمٽار ۽ ڊسيپلين جا پابند هئا.جڏھن ته عوام به انهن جي لاء بهترين جذبا ٿي رکيا هئا.ڪانگو ۾ تحريڪ ته شروع ٿي مگر ماڻھن منجه اهو ڊسپلين ۽ جذبو موجود نه هو.جيڪو ڪنهن تحفيڪ جي ڪاميابي جي لاء ضروري هوندو آھي.ان کانسواء ھن کي اتان جون ٻوليون به نٿي آيون.جنهن جي سبب کان پنهنجين خيالن ۽ مقصدن تي ٻين ليڊرن سان ڪري سگهي ها.جڏھن ته سي آئي اي به هن علائقي ۾ مڪمل ريت سرگرم هئي.جيڪا پنهنجي جديد مواصلات جي اوزارن جي تحت انهن جا اڪثر پلان ڄاڻي ٿي وئي. چي اتي اٽڪل ساڍا ست مهينا رهيو ۽ بيمار پئجي ويو.هو مقامي گوريلا ليڊرن جي ناڪامي ۽ نا اهلي ۽ عوام جي انقلاب ۾ غير دلچسپي کان ڪافي مايوس ٿيو.جتيوڻيڪ هن آخري پساه تائين اتي وڙھڻ ٿي چاهيو هو.مگر ڪاسترو جي خاص نياپن هن کي اتان کان ڪڍڻ تي مجبور ڪيو.
بوليويا.
صحت بهتر ٿيندي ئي چيء ايندڙ سرگرمي جي لاء بوليويا جي چونڊ ڪئي.جتي هڪ ٻي امريڪي نواز حڪومت عوام جو رت چوسي رهي هئي.هو1966ع جي پڇاڙي ۾ بوليويا پهتو ۽۽ ھڪ پهاڙي علائقي کان اٽڪل 50 ساٿين جي مدد سان تحريڪ شروع ڪئي ۽ هن کي ڪافي ڪاميابيون پڻ مليون ۽ ڪيترين ئي جهڙپن ۾ بوليوين آرمي کي شديد نقصان پهتو.جيڪو بعد ۾ ھن جي موت جو اصلي سبب بڻيو.ڇاڪاڻ ته هن انهن کي ڪافي نقصان پهچايو هو. مگر هتي هو جيڪو پلان کڻي پهتو هو .انهن ۾ ڪافي ڳالهيون هن جي اميد جي خلاف هيون.انهن منجهان هڪ عوامي سپورٽ جي اميد هئي.جيڪا ڪانگو جيان هتي به نه هئڻ جي برابر هئي.بلڪ هتي ته عوام منجهان ئي اڪثريت حڪومت جي مخبر هئي. ٻي هن جي اها اميد هئي ته صرف بوليوين آرمي آرمي سان مقابلو آھي.مگر هتي اڄي هن کي پتو پيو ته امريڪا هتي به مڪمل ريت موجود هئي.۽ ھتي هن کي بوليوين آرمي سان گڏوگڏ امريڪي ڪمانڊوز سان به مقابلو ڪرڻو پوندو.ان کان علاوه سڀ کان وڏو صدمو اهو پهتو ته ڪيوبا سان هن جو ريڊيو رابطو ڪٽجي ويو.ائين وڌيڪ سپورٽ جي اميد به نه رهي.
گرفتاري ۽ شھادت.
7 آڪٽومبر 1967ع جي صبح ھڪ مقامي مخبر ويجهي فوجي اڏي تي چيء ۽ سندس ساٿين جي رهائش جو اطلاع ڏنو.جنهن تي فوج چرپر ۾ اچي وئي.امريڪن سي آئي اي جيڪا ڪانگو کان هن پٺيان هٿ ڌوئي پئي هئي.آپريشن ۾ ھن جي ڀرپور مدد ڪري رهي هئي.پوء پلان ٺاھي ڪري هن جي ساٿين جي خلاف پهاڙن تي گهيرو تنگ ڪيو.
اٽڪل 1800 فوجين ان مشن ۾ حصو ورتو.سي آئد اي کين کي گائيڊ ڪري رهي هئي ۽ ھن جي ساٿين جيتوڻيڪ مقابلو ڪيو.مگر اهي ٿورڙا هئا.فورن مارجي ويا.چي زخمي ٿيو ۽ گرفتار ڪيو ويو.پوء ھن کي پڇا ڳاڇا جي لاء نا معلوم هنڌ تي نيو ويو. جتي ٻيئي ڏينهن شام تائين هن تي ڪافي ڀيرا ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن هو منهن کولي وجهي.مگر بقول هڪ فوجي جي ته چي زخمي ٿيڻ جي باوجود بلڪل مطمئن ويٺو هو.دشمن کان گهٻراهٽ جي بجاء چي ساڻن سان اکيون ملائي ڳالهائي رهيو هو. هن جي اکين ۾ اھڙو دٻدٻو هو ۽ چمڪ هئي ته اسان منجهان ڪو به هن سان اکيون ملائي نٿي سگهيو .آفيسر اچي وڃي رهيا هئا هن کان پڇا ڳاڇا ڪري رهيا هئا.مگر هن سندن ڪنهن به سوال جوجواب نٿي ڏنو.جيتوڻيڪ هن پنهنجي لاء تماڪ ضرور گهريو.جيڪو هن کيس کي ڏنو.ان تي هو ڪافي خوسثيو ۽ مون کي شڪريه به چيائين.پوء جڏھن ٽن ڏينهن تائين هن سان مغزماري ڪيائون.تڏھن کين کي ڪجه حاصل نه ٿيو ٿه هن جي رپورٽ صدر کي ڏني وئي.جنهن ڪنهن ممڪن پريشر کان بچڻ جي لاء هن کي فورن موت جو حڪم ڏنائين.سي آئي اي چاهي رهي هئي ته هن کي پاناما منتقل ڪيو وڃي ته جيئن اتي اسپشل ٽيم.هن کان وڌيڪ جانچ ڪري .مگر صدر کي ڊپ هو ته جيڪڏھن هو فرار ٿي ويو ته شايد وري هٿ نه اچي ۽ ھن جي حڪومت وري خطري ۾ پئجي سگهي ٿي.ان ڪري هن پنهنجو حڪم برقرار رکيو .آرڊر جو پورائو ڪيو ويو ۽ ۡهن کي هڪ شرابي جلاد جي حوالي ڪيو ويو.جيڪو جنگ ۾ پنهنجا ٽي ساٿي وڃائي چڪو هو ۽ چيء کي انهن جي موت جو ذميوار سمجهي رهيو هو .جڏھن هو چيء جي سامهون آيو ته چيء ھن کي ڀڙڪايو.هو هڪ آسان موت جي اميد ڪري رهيو هو.مگر شرابي جلاد پلان جي مطابق هن کي 9 گوليون هڻي پروڻ ڪري ڇڏيو.
چيء گويرا جي شھادت کي 45 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آھي.مگر هو اڄ به ماڻھن جي دلين ۾ پنهنجي اصول .قابليت .سرمائيداراڻي نظام جي خلاف بغاوت ۽ انقلابي سوچ جي سبب کان گهر ڪيون پيو آھي.هن جي مشھور تصوير جيڪا 1960ع ۾ ڪڍي وئي هئي.دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پرنٽ ٿيڻ واري تصوير آھي.جيڪا هرهنڌ ڏيک ڏيئي ٿي.خاص طور تي انهن ملڪن ۾ جتي انقلابي تحريڪون هلي رهيون آھن. هن جي شخصيت اڄ به ڪيوبا ۾ ھڪ نيشنل هيرو جيان ئي آھي.جيتوڻيڪ هو اتان جو رهواسي نه هو.۽ پنهنجي ملڪ ارجنٽائن ۾ به هو ڪنهن هيرو جيان ياد ڪيو وڃي ٿو.
(ڪتاب.گوريلا جنگ ء بوليويا جي ڊائري.)
