دعا ڀٽو سان شادي جي تصديق، غلط ناهي ڪيو، حليم عادل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ ايم پي اي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ، دعا ڀٽو سان شادي جي خبرن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ساڻس اليڪشن کانپوءِ شادي ڪئي هئي، ڪو ڏوهه ناهي ڪيو. هن چيو ته مون شادي ڪئي آهي ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو. واضع رهي ته ان کان اڳ دعا ڀٽو پاران حليم عادل شيخ سان شادي جي تصديق ڪندي پنهنجي پٽ جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي رکيون ويون هيون، هن پنهنجي پٽ جو نالو ڪامل حليم شيخ ڄاڻايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو