اسڪردو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دعاگو آهيون ته جنگ جي خاتمي لاءِ فيلڊ مارشل جون ڪوششون ڪامياب ٿين.اسڪردو ۾ پي پي پي جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل چونڊن (اليڪشن) ۾ گلگت بلتستان جو دورو ڪيو هو، جيتري قدر مان گلگت بلتستان جي ضلعن ۾ آيو آهيان، اوترو ڪو ٻيو سياستدان ناهي آيو، هن چيو ته ايران ۾ خامنه اي کي شهيد ڪيو ويو، انهن حالتن ۾ هتي چونڊ مهم هلائڻ مناسب نه سمجهيو.پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته دعاگو آهيون ته جنگ جي خاتمي لاءِ فيلڊ مارشل جون ڪوششون ڪامياب ٿين. امن جون ڪوششون ڪامياب ٿيڻ ضروري آهن، ايران سان گڏوگڏ سڄي دنيا جا عوام جنگ جو بوجھ کڻي رهيا آهن.سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي پسمانده طبقي جي نمائندگي ڪندڙ واحد سياسي جماعت آهي، اها ڪهڙي معاشي پاليسي ۽ ترقي آهي جنهن ۾ امير وڌيڪ امير ٿيندو وڃي.بلاول ڀٽو زرداري اهو به چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) اسلام آباد جو اهو واحد ادارو آهي، جيڪو هر غريب جي گهر تائين پهچي ٿو.هن چيو ته بي آئي ايس پي جي خلاف سياسي جماعتن جون سازشون ناڪام ٿينديون، بجيٽ ۾ وزيراعظم بي آئي ايس پي جي فنڊن ۾ واڌ جو اعلان ڪري.پي پي چيئرمين چيو ته ائٽم بم ذولفقار علي ڀٽو ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڏني، گلگت بلتستان کي پهريان “شمالي علائقا” (نادرن ايرياز) چيو ويندو هو، گلگت بلتستان کي اهو (موجوده) نالو صدر زرداري ڏنو.










